صحافي عورتن کي ڪم جي دوران حراسان ڪيو ويندو آهي | Pakistan Press Foundation (PPF)

Paksitan Press Foundtion

صحافي عورتن کي ڪم جي دوران حراسان ڪيو ويندو آهي

Pakistan Press Foundation

3- مئي تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافت جي آزاديءَ جي عالمي ڏوهاري کي “ورلڊ پريس فرينڊ ڊي” جي طور ملهايو ويندو آهي، جنهن جو مقصد پنهنجن فرضن جي ادائگيءَ دوران پرنٽ ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا کي پيش ايندڙ مشڪلتن، خطرن ايتري قدر جو سند زندگيءَ کي درپيش خطرن متعلق دنيا کي آگاهي ڏيڻ، صحافت جي آزاديءَ کي درپيش معاملن، مشڪلاتن متعلق دنيا کي آگاهي ڏيڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي ۽ صحافت جي آزاديءَ تي ٿيندڙ حملن کان صحافين لي بچائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙن سان گڏوگڏ پنهنجن فرضن جي ادائگيءَ دوران قتل ۽ زخمي ٿيندڙ صحافين جي ڪميونٽيءَ، دوستن ۽ مٽن مائٽن سان يڪجهتيءَ جي اظهار طور ملهايو ويندو آهي.

صحافت جي عالمي ڏينهن جو آغاز 1991ع ۾ يمنيا مان ٿيو پر دنيا ۾ پريس فريڊيم ڊي جو آغاز 1993ع ۾ گڏيل قومن جي اداري جي جنرل اسيمبلي جي فيصلي کان پوءِ عمل ۾ آيو. پاڪستان گذريل ڪجهه عرصي کان وٺي مختلف معاملن جو شڪار رهيو آهي جنهن ۾ هڪ صحافت ۽ صحافين کي درپيش مسئلو به هڪ آهي.

پاڪستان پريس فائونڊيشن جي رڪارڊ موجب پاڪستان صحافين لاءِ سڀني کان خطرناڪ ملڪ آهي .2002ع کان 2018ع تائين پاڪستان ۾ 72صحافين کي قتل ڪيو ويو. جڏهن ته گذريل سال به 6 صحافين کي قتل ڪيو ويو ، پاڪستان ۾ 5 صحافين جي قتل هي جوابدارن کي عدالت پاران ڏوهي قرارڏنو ويو آهي.  جنهن ۾ 2002ع ۾ وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽر ڊينئل پرل، جيو جي رپورٽر ولي خان بابر، خبرون کي رپورٽرنثارعلي سولنگي ،ڪي ٽي اين جي مينر سانگي ، ڪي ٽي اين جي امير بخش بروهي  ۽ اب تڪ جا رپورٽر شامل آهن .

ڪراچي ۾ هڪ وڏي تعداد ۾ صحافي عورتون ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي فيلڊرپورٽر،نيوزڪاسٽر سميت مختلف عهدن تي پنهنجيون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيون آهن جڏهن ته ڪجهه صحافي عورتون سنڌي، اردو ۽ انگريزي ميڊيا ۾ بيورو چيف جي حيثيت ۾ پڻ ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن ته سنڌي ميڊيا ۾ صحافي عرتون رپورٽنگ جي شعبي ۾ تمام گهٽ آهن. پر ميڊيا جي ٻين شعبن ۾ ڪيئي عورت صحافي هڪ مناسب انگ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن.

پاڪستان ۾ عورت صحافين کي سندن جون پيشواراڻيون ذميواريون سرانجام ڏيڻ دوران کين مختلف طريقن سان حراسان ڪيو وڃي ٿو، ٽين دنيا جي پٺتي پيل ملڪن سميت پاڪستان ۾ عورت صحفين لاءِ اهڙو رويو انتهائي تلخ نموني موجود آهي، ان سلسلي ۾ جڏهن اسان عورت صحفين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ته اسان کي ڪافي عجيب ۽ خلاف توقع ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ مليون ۽ ڪيئي تلّخ حقيقتون نروار ٿي سامهون آيون.

اهڙي سوال ته اوهان صحافتي شعبي ۾ پنهنجي پيشوراڻي صلاحيتن کي ادا ڪرڻ لاءِ آفيس ۽ آفيس کانٻاهر سرگرم رهو ٿا، ته ڇا اوهان کي به حراسمينٽ جو نشانو بڻجندا آهيو، موٽ ۾ هڪ انگريزي اخبار جي سينئر صحافي عورت ٻڌايو ته پاڪستان جي ميڊيا ۾ اڄ ڪلهه صحافي عورتون جهڙوڪر هر روز هڪ پل صراط تان گذرڻو پوندو آهي، ڇو جو اسان جنهن سوسائٽيءَ م رهون ٿا اڃان تائين ان جا اخلاقي قدر مضبوط ٿي نه سگهيا آهن ۽ نه وري ڪو تعليم يا سماجي شعور ۾ ڪا وڌا ٿي آهي،

هڪ سينئر صحافي عورت جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ميڊيا م عورت صحافي سڀ کان وڌيڪ انگريزي ميڊيا ۾ ڪم ڪري رهيون آهن پوءِ ڀل اهو پرنٽ ميڊيا هجي يا وري اليڪٽرانڪ ميڊيا هُجي. هُن جو چوڻ هو ته اڪثر عورتون صبح جي شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ پسند ڪن ٿيون رات جي شفٽ ۾ بلڪل به ڪم ڪرن پسند نه ٿيون ڪن جنهن جا ڪيئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا پر انهن ڪارڻن مان هڪ ڪارڻ عورت صحافين کي حراسان ڪرڻ پڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ ان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ عورت صحافي فيلڊ کان وڌيڪ پنهنجي اداري اندر حراسان ٿيندي آهي، جڏهن ته ٿيڻ اهو گهرجي ته هوءَ پاڻ کي اداري اندر محفوظ تصور ڪري پر ائين نه آهي.

سينئر صحافي عورت ان ڳالهه کي به تسليم ڪيو ته هن جي علم ۾ آهي تي 2010ع ۾ حراسمينٽ خلاف بل پاس ٿيو پر ان تي اڃان تائين ڪوبه بل عمل نه ٿيو آهي سندس اهو به چوڻ آهي ته اسان جي اداري ۾ عورت صحافين کي حراسمينٽ کان بچائڻ لاءِ هڪ ڪيميٽي آجي جيڪا رڳو نالي متاثر آهي. هُن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته هوءُ پاڻ حراسمينٽ جو شڪار ٿي چڪي آهي، مون کي پيشواراڻي ذميوارين جي حوالي سان حراسان ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته هن صحافت ۾ پنهنجي پيشوراڻي زندگيءَ جي شروعات هڪ اسپورٽس رپورٽر کان ڪيئي جتي مون کي منهنجي ڪم جي حوالي سان سازشي انداز ۾ حراسان ڪيو ويو ۽ ميڊيا ۾ عورتن صحافين کي سڀ کان پهرين اهڙي نموني حراسمينٽ جو نشانو بڻايو ويندو آهي، مان جڏهن اپورٽس جي رپورٽنگ ڪري آفيس ايندي هيس ته منهنجو ڊيسڪ انچارج ظاهر آهي اهو مرد هيو، هو مون کي چوندو هو ته اوهان خبرون ڏئي پوءِ ڀلي هليا وڃون ۽ مان ائين ڪندي هيس کيس خبرون ۽ رپوٽون ڏئي جلدي وري ٻئي ڪم لاءِ آفيس مان نڪرندي هيس ته جيئن ٻئي ڪنهن اسائنمينٽ تي ڪم ڪري سگهان، پويان مون کي اهو احساس کي نه پئي ٿيو ته اصل ۾ سازش ڪهڙي ٿي رهي آهي، مون کي ڪجهه ڏينهن بعد انتظاميه پاران ليٽر مليو ته اوهان رپورٽس مڪمل نه ٿا ڏي، آفيس ۾ گهٽ تائين ٿا ڏيو ۽ آفيس اچي جلدي ئي هليا ٿا وڃون. ظاهر آ منهنجي لاءِ اهڙي قسم جي چارج شيٽ ڏاڍي عجيد ۽ خلاف توقع هُئي. مون ايڊيٽر کي سموري صورتحال کان آگاه ڪيو پر تنهن هوندي به هُن منهنجي ڦرانسفر سٽي ڊيسڪ تي ڪري ڇڏي. مان سٽي ڊيسڪ تي ٽرانسفر بعد پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪيو ۽ وري مزي جي ڳالهه اها ته مون کي حراسمينٽ جي جانچ لاءِ جيڪا ڪميٽي ٺاهي وئي ان جو سربراهه وري ان کي ڪيو ويو جيڪو مون کي حراسان ڪرڻ ۾ پاڻ ملوث هو.

حڪومت 2010ع ۾ عورتن جي تحفظ جي لاءِ بل پاس ڪيو هو جنهن تحت پاڪستان جي سمورن اداري ۾ عورتن کي حراسان ڪرڻ کان تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ ٽه رڪني ڪميٽي ٺاهي ويندي جيڪا ڪنهن به عورت ورڪر کي حراسن ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواست تي 40- ڏينهن ۾ ٻڌئي ڪري فيصلو ڪندي.ان قانون ۾ سزابه واضع طور تي شامل آهي . بلڪ جانچ جو طريقي ڪار به موجود آهي. مگران جي باوجود وفاقي ۽ صوبائي متحسب اعلي وٽ اهڙيون ڪيئي اپيلون اينديون آهن جنهن ۾ ادارن جي ڪميٽي پاران ادارن اندر عورتن کي هراسان ڪرڻ تي داخل درخواستن جي ڪابه شنوائي نه ٿيندي آهي ۽ نه ئي وري ڪو انصاف ملندو آهي.

هڪ اردو چينل جي سينئر صحافي عورت جو چوڻ آهي ته مونکي بل جي حوالي سان معلومات آهي. اسان جي اداري ۾ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جو سربراهه هڪ سينئر عورت صحافي آهي. هن چيو ته جڏهن مان اخبار ۾ ڪم ڪندي هئيس ته مان پڻ حراسمينٽ جو شڪار ٿي هيس.ان جي وجهه منهنجو ڪپيموٽر شيئرنگ تي هو .هن ٻڌايو ته پهرين مان ان ڳالهه کي نظر انداز ڪيو پر پوءِ زباني طور تي ايڊيٽر کي شڪايت ڪئي مگر ان سان به ڪجهه نه ٿيو ته پوءِ مان لکت ۾ درخواست ڏني جنهن تي ان اسٽاف ڪرڪر کي گهرايو ويو جيڪو مون کي حراسان ڪندو هو، ان صاحب پنهنجي غلطي تي تسليم ڪئي ۽ معافي ورتي پر اداري هن جي معافي قبول نه ڪئي ۽ کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويو .

جيو گروپ جي ڪميٽي جي سربراهه سينئر عورت صحافي عظمى الڪريم سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته ميڊيا ۾ اهڙي صورتحال آهي پر ان جو مطلب اهو نه آهي ته حالتون خراب آهن ۽ عورتون ڪم نٿون ڪري سگهن .هن چيو ته اسان 2005ع ۾ ان خلاف مهم هلائي هئي جيڪا ڪامياب ٿي 2010ع ۾ بل پاس ٿيو .عظمى الڪريم جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪميٽي قانون موجب جيڪي به درخواستون اينديون آهي انهن کي 40 ڏينهن ۾ حل ڪندي آهي .اسان کي مرد به درخواستون ڏيندا آهن ته اسان کي به حراسان ڪيو وڃي ٿو.

هڪ ٻئي اردو چينل جي سينئر عورت صحافي چيو ته جيڪو بل پاس ٿيو آهي ان حوالي سان معلومات آهي پر اسان جي اداري ۾ ڪابه ڪميٽي نه آهي . هن چيو ته مان مختلف ادارن ۾ ڪم ڪري چڪي آهيان. هن چيو ته مون کي ڪافي دفعا حراسان ڪيو ويو آهي، پر ان سلسلي ۾ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته مون کي فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ دوران نه پر اداري ۾ ڪم ڪرڻ دوران حراسان ڪيو ويو آهي. شايد ان جو سبب اهو آهي ته مان مردن وانگر ڪم ڪندي آهيان، مون اهڙي عمل جون ڪيئي وقتن تي شڪاتيون به ڪيون پر ڪنهن به شڪايت جو نوٽس نه ورتو ويو ۽ منهنجين اهڙين شڪايتن جو ڪوبه فائدو نه ٿيو، ان جي ابتڙ مان غير محسوس ٿي وئي آهيان. مون ادارن اندر اهڙي حراسمينٽ ڪري ڪافي ادارا تبديل ڪيا، مون کي ادارن اندر حراسان ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام ٿيون ته مون کي فيلڊ ۾ بدنام ڪرڻ جون ڪوششن ڪيون ويون.

سنڌي اخبار جي سينئر صحافي عورت ٻڌايو ته مان مختلف زبان جي ميڊيا ۾ ڪم ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اوهان ڪم ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن ميڊيا جي اداري کي تبديل ڪيو ٿا ته اهڙي صورتحال ۾ هر ٻوليءَ جي ميڊيا جي دفتر جو ماحول الڳ الڳ هوندو آهي. مان به ڪم دوران حراسمينٽ جو شڪار ٿي آهيان ان جي سبب شاهد منهنجي صاف گوئي آهي، هن وقت مان هڪ سندهي اداري ڪم ڪري رهي آهيان، مان هڪ عورت صحافي آهيان ۽ منهنجو ڪمرو الگ آهي . منهنجي اجازت جي بغير مرد يا ٻيو ڪو منهنجي ڪمري ۾  نٿو اچي سگهي جيڪڏهن اچي ويو ته ايڊيٽر پاران ان جي سخت پڇا ڳڇا ٿيندي آهي. هڪ ٻئي سندهي چينل جي سينئر رپورٽر ۽ انيڪر صحافي عورت چيو ته اسان جي اداري ۾ ڪابه ڪميٽي نه ٺاهي وئي آهي بل جي حوالي سان سڀني کي خبر آهي. مون کي حراسان ڪيو ويو هو پر منهنجي اداري ڪوبه نوٽيس نه ورتو.  مان صحافين جي تنظمين کي شڪايت ڪئي ان جو به فائدو نه ٿيو مون کي پنهنجي نوڪري ڇڏڻ پئي،

پريس ڪلب جي صدر امتياز فاران خان سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته اسان کي لکت ۾ اهڙي ڪابه درخواست نه ملي آهي جنهن تي خبر پئي ته ڪهڙي اداري ۾ عورت صحافي کي حراسان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مسقبل ۾ اهڙي شڪايت آئي تي ان تي قانوني طور تي ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ضرورت پئي ته ڪميٽي به ٺاهي ويندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪراچيءَ ۾ عورت صحافي ڪم ڪري رهيون آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ عورتن ميمبرن جو انگ قابل ذڪر آهي. پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي نائب صدر ۽ سينئر صحافي شهربانو جو چوڻ آهي ته مختلف فورم تي عورت صحافي پنهنجي معاملي جي ڳالهه ٻولهه ڪنديون آهن پر باقاعده طور تي ڪابه پي ايف يو جي پليٽ فارم تي درخواست نه ملي آهي. اگر لکت ۾ درخواست ملندي ته ان جي باقاعده طور تي جاچ ڪئي ويندي پوءِ جيڪو ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اهو به ڏٺو ويندو ته حرانسمينٽ ڪهڙي حوالي سان ٿي آهي. ايس سي ايس ڊبليو جي چئيرپرسن نزهت شيرين ان حوالي سان چيو ته صحافي عورتون جڏهن ڪنهن به پروگرام ۾ ملنديون آهن ته ان حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪنديون آهن پر اسان وٽ ڪابه لکت ۾ درخواست نه آئي آهي. هن چيو ته مان متاثر عورتن کي مشورو ڏيندي آهيان، قانون ٻڌائيندي آهيان. هن چيو ته اسان جو ادارو سنڌ جي سمورن ادارن جي مانيٽرنگ ڪندو آهي فنڊن جي ڪمي جي ڪري اسان عوام کي آگاهي نٿا ڏئي سگهيون .

پاڪستان پريس فائونڊيشن پاران اخبارن ۾ شائع ان ٿيل نيوز جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 23 اپريل تي تحريڪ انصاف جي جلسي ۾ عورت صحافين سان بدتميزي ۽ بدسلوڪي ڪئي وئي آهي. پاڪستان پريس فائونڊيشن پاران هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڪستان پريس فائونڊيشن پاران مذمت ڪرڻ تي تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پنهنجي ڪارڪنن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي آهي ۽ خاطري ڪرائي آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهڙو ڪوبه واقعو پيش نه ايندو. ٻي صورت ۾ صحافتي تنظيمون گڏجي ڪري احتجاج ڪنديون.

صحافي عورتن جو چوڻ آهي ته جڏهن ڪا عورت صحافي حراسان ٿيڻ جي شڪايت ڪندي آهي ته ساٿي عورت ان کان پري ٿي ويندي آهي جڏهن ته ڪردارڪشي ڪرڻ صحافي عورت جي لاءِ آسان ۽ موثر هٿيار آهي. هن چيو ته حراسمينٽ صرف مرد جي طرف کان نه ڪئي ويندي آهي پر هڪ عورت ٻئي عورت کي به حراسان ڪندي آهي ۽ اهڙا به ڪيئي واقعه رڪارڊ تي آهن.

Awami Awaz


Comments are closed.